ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين جي ڊائريڪٽري

ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين جي ڊائريڪٽري

ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين جي ڊائريڪٽري

ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين جي ڊائريڪٽري: هيءَ ڊائريڪٽري، ڏکڻ ايشيا ۾ ڳالهائجندڙ ۽ لکت ۾ موجود ٻولين جي بناوٽ، نمونن، خاندانن، لهجن، قدامت ۽ موجوده حالت تي جامع معلومات تي مشتمل آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن اديبن سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ تيار ڪئي آهي. هن ڊائريڪٽريءَ ۾ ٻولي جي ابتدائي مرحلن کان وٺي ارتقا جا سمورا مرحلا به تفصيلوار ڄاڻايل آهن. ٻولين جي لکت بابت پڻ جامع نوٽ ليکڪن پاران مهاڳ ۾ درج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لکت جي نمونن، لکڻ جي ارتقائي روين، الفابيٽ جي تاريخ، الف جي نظام جي وجود ۾ اچڻ وارن مرحلن، سببن، ايشيائي لکت واري نمونن، دراوڙي ٻولين جي بيان سميت سامي، آسٽرو ايشيائي، سنڌو لکت جي نمونن جو بيان پڻ تفصيلي ۽ جامع انداز ۾ ڪيو ويو آهي. هن ڊائريڪٽريءَ ۾ 302 قديم توڙي جديد، لکڻ ۾ ايندڙ توڙي ڳالهائجندڙ ننڍين وڏين ٻولين جو تذڪر مفصل انداز ۾ ڪيو ويو آهي. جن جو تعلق ڏکڻ ايشيا جي مڙني خطن سان آهي. ڊائريڪٽريءَ ۾ (الف، ب، ج) ضميما ۽ ببليو گرافي به ڏني ويئي آهي. هن ڪتاب ۾ اڪثر ٻولين جي صورتخطين جا نمونا به ڏنا ويا آهن، جڏهن ته (ج) واري ضميمي ۾ داردي ۽ هند-ايراني ٻولين جو چارٽ پڻ ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ ناشر پاران سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرپرسن نامياري اديب ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. جڏهن ته مهاڳ ليکڪن جو لکيل آهي. ڪتاب جو انتساب مصنفن پاران سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري لسانياتي ماهر ۽ عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نالي ڪيل آهي. ڊبل ڊيمي سائيز ۾ 312 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڇپيل هن ڊائريڪٽريءَ کي 2010ع م سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار جي سيڪريٽري تاج جويي اداري جي آفيس مان شايع ڪري پڌرو ڪيو آهي. ڊائريڪٽريءَ جي قيمت 300 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو